سنڌي شعبو پنجاب يونيورسٽي

سنڌي شعبو، پنجاب يونيورسٽي: پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي پڙهائڻ جي شروعات 2004ع کان ٿي آهي، ان کان اڳ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ بي. اي ۾ اختياري مضمون طور پڙهايو پئي ويو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. اهي سڀ ڪورس پنجاب يونيورسٽيءَ جي اورينٽل ڪاليج ۾ پڙهايا وڃن ٿا. هن وقت جي پرنسپال ڊاڪٽر مظهر معين ۽ ڊين ڊاڪٽر محمد اڪرم چوڌريءَ (هاڻوڪي وائيس چانسلر سرگوڌا يونيورسٽيءَ) جي ڪوششن سان سنڌي ڊپارٽمينٽ جو بنياد پيو. 2004ع کان انهيءَ ڪورس ۾ ڊپلوما جو نصاب تيار ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ سنڌي ڊپلوما کي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي ڪورس طور پڙهايو پيو وڃي. سنڌي ڊپلوما ٻن سيمسٽرن تي مشتمل آهي، جنهن جي پهرئين سيمسٽر ۾ سنڌي صورتخطي، بنيادي وياڪرڻ، ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ پڙهايو ويندو آهي ۽ ٻئي سيمسٽر ۾ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ادب جي باري ۾ سکيا ڏني ويندي آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ٻوليون، جن ۾ ڊپلوما ڪورس ڪرايا پيا وڃن، جنهن ۾ هندي، پشتو، بلوچي، عربي، فارسي، پنجابي (گرمکي)، جرمن، روسي، هسپانوي، عبراني، يوناني، لاطيني، جپاني، سنسڪرت، چيني، اطالوي، پرتگالي، ۽ ترڪي شامل آهن ۽ هنن ٻولين ۾ هن وقت ڏيهي ۽ پرڏيهي استاد، اهي ٻوليون پڙهائي رهيا آهن، جنهن ۾ هر ٻوليءَ جو هڪ استاد ڊپلوما ڪورس پڙهائي رهيو آهي، سنڌي ڊپلوما جو ڪورس اشوڪ ڪمار کتري پڙهائي رهيو آهي، جنهن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان مڪمل ڪئي ۽ ايم. فل علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان مڪمل ڪيائين. بنيادي طور تي هي ٻوليون اڳ ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ جي اورينٽل ڪاليج (اولڊ ڪئمپس) ۾ پڙهايون پئي ويون، پر گذريل ٽن سالن کان اهي سڀئي ٻوليون پنجاب يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز اورينٽل ڪاليج نيو ڪئمپس ۾ پڙهايون وڃن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو